انيس مير

انيس مير

مير انيس

مير انيس : مير ببر علي انيس 1220هه مطابق 1805ع ۾ فيض آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير خليق (مرثيه گو شاعر) ۽ جدِ اعليٰ مير حسن دهلوي هو. مير انيس لکنؤ ۾ تعليم حاصل ڪئي، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪامل دسترس حاصل ڪرڻ کانپوءِ فنِ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. شروع ۾ غزل گوئيءَ جو شوق هوس مگر شفيق پيءُ جي نصيحت تي غزل گوئي ڇڏي سلام، نوحه، مرثيه ۽ رباعيون چوڻ شروع ڪيائين. مير انيس کي ٻه ڀائر هئا، مير نواب مونس (صاحب ڪليات) ۽ مير مهر علي ’انس‘ (صاحب ڪليات)، مير انيس جا ٻئي ڀائر پنهنجي دور جا مشهور مرثيه گو ۽ سلام گو شاعر هئا، ليڪن انيس جو درجو اعليٰ هو. اها حقيقت آهي ته مرثيه گوئيءَ جي شروعات سنڌ مان ٿي، اردوءَ ۾ مرثيي کي مير انيس ۽ ميرزا سلامت علي دبير اوج تي رسايو ۽ سنڌيءَ ۾ ’سيد ثابت علي شاهه‘، ’ميرزا فتح علي بيگ‘، ’مير حسن علي خان ٽالپر‘ ۽ ’ميرزا ٻڍل بيگ مرثيي کي عروج تي رسايو. اردو جي مرثيه گو شاعرن ۾ ’ميرزا دبير‘ ۽ ’مير انيس‘ کي اهو مقام حاصل ٿيو، جيڪو وري ڪنهن کي به نه مليو. مير انيس 29 شوال 1291هه مطابق 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي. مير انيس جو سنڌ سان گهرو تعلق آهي. سندس مرثيا ۽ سلام سنڌ ۾ عزاداريءَ جي ڏهاڙن ۾ پڙهيا ويندا آهن ۽ سندس اردو مرثين جا منظوم ترجما سنڌ جي ڪجهه مرثيه گو شاعرن ڪيا آهن. مير انيس جو تقريباً سڄو ڪلام شايع ٿي چڪو آهي، ليڪن سنڌ ۾ به ڪافي ڪاتبن ميرزا دبير ۽ مير انيس جا مرثيا نقل ڪيا آهن، انهن ۾ آخوند محمد عالم، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا قاسم علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ ۽ ميرزا امام علي بيگ جا نالا قابل ذڪر آهن. انهن جي بياض ۾ مير انيس، ميرزا دبير ۽ ٻين اردو شاعرن جا اڻ ڇپيل لاتعداد مرثيا قلمي صورت ۾ موجود آهن.


لفظ مير انيسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1805.00.00  عيسوي

مير انيس 1805ع ۾ فيض آباد ۾ پيدا ٿيو


1874.12.09  عيسوي

مير انيس 9 ڊسمبر 1874ع ۾ لکنؤ ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پندار
رکيل مورائي
صابر شمس ڪلوڙ پروفيسر
سنتل
پلي شمس الدين
اسرار احمد علوي پروفيسر
غلام علي مداح ٺٽوي
سامي چئنراءِ لُنڊ
سيماب اڪبر آبادي
ڀٽو حبيب الله
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون